حڪومت خود احتسابي جو ڊرامو ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي نه ٿي سگهي: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته خود احتسابي جو ڊرامو ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي نٿو سگهجي

حڪومتي ترجمان جي بيان تي رد عمل ڏيندي  مريم اورنگزيب چيو ته خود احتسابي ڊرامي  سان عوام کي بي وقوف بڻائي نٿو

سگهجي،خوداحتسابي جي عمل کي عمران صاحب کي پاڻ ۽ عثمان بوزدار کان شروع ڪرڻي پوندو، ڪابينا جي صدارت  ڪرڻ ۽ اي سي سي

جي سمورن فيصلن جي منظوري عمران صاحب ڏني.

مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور  سمورا فيصلا عثمان بوزدار ڪيا.

هن وڌيڪ چيو ته خوداحتسابي تڏهن ٿيندي، جڏهن  نيب عمران خان ۽ عثمان بوزدار  صاحب کي گرفتار ڪندي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته وزيرن کي هڪ عهدي تان هٽائي ٻئي عهدي تي ويهارڻ  سان خود احتسابي نٿي ٿي سگهي.

مريم اورنگزيب حڪومت تي تنقيد  ڪندي وڌيڪ چيو ته ليڪ ٿيل رپورٽ عوام اڳيان ظاهر ڪرڻ  جو ڊرامو ڪرڻ سان خود احتسابي نٿي ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*