ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سان وڙهندي وڌيڪ 4 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سان وڙهندي وڌيڪ 4 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ وڌي 58 ٿي ويو،جڏهن ته  208 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪرونا وائرس متاثرن جو انگ 4 هزار 72 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ 19، ڪي پي ۾  18 ۽ پنجاب ۾ 16ڄڻن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق بلوچستان ۾ وڌيڪ 2 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، اسلام آباد ۾ به هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو آهي.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر  جي تازن انگن اکرن مطابق ڪرونا سبب متاثر 25 مريضن جي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جڏهن ته  467 متاثر صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 76 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن بعد هينئر تائين 42 هزار 159 ماڻهن جي ٽيسٽ ٿي چڪي آهي.

ڪرونا وائرس  جا پنجاب ۾ 2 هزار 30، سنڌ ۾ 986، ڪي پي ۾ 527،گلگت بلتستان ۾ 212، بلوچستان ۾ 206، اسلام آباد ۾ 83 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 28 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*