سنڌ ۾ سترهين ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سترهين ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي، ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ سرڪاري آفيسون، ڪاروباري مرڪز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته هن مهل تائين امدادي راشن نه ملڻ سبب بيروزگار ٿيل پورهيت سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهن، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جَي اهلڪارن پاران گشت باوجود روڊن رستن تي چرپر وڌي وئي آهي.

ملير، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، خيرپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر، شهدادڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، سانگهڙ، نوشهري فيروز، مٽياري، ٺٽي، سجاول، بدين، مٺي، عمرڪوٽ، ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار ۾ به ڪاروباري مرڪز بند آهن.

مٺياڻي، پڊعيدن، کڏڙو، پنڱريو ڏيرا، نصير آباد، ڪوٽڙي، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، مدئجي، مورو، نارو، ڦلجي اسٽيشن، خانپور شهر، ٺارو شاهه، پير جو ڳوٺ، شاهپور چاڪر، ٽنڊو باگو، ڊکڻ، گهارو، ڪنڊيارو، غوثپور، هالاڻي، قاضي احمد، کپرو، ماتلي، کيبر، اڏيرو لال ۽ ٽنڊو ڄام ۾ سترهين ڏينهن به ڪاروبار ناهي کوليو ويو.

ڀان سيد آباد، لعلو رائنڪ، مبارڪپور، سرهاڙي، کوسڪي، ڪنڌرا، تنگواڻي، ميرپور بٺورو، گولاڙچي، ڇور، اڏيرو لال، مقصودو رند، محرابپور، سوڀوديرو، بهرام، هٿونگو، ٺل ۽ ڊرٻ ميهر شاهه شهر به بند آهن.

ڪرمپور، رتوديرو، ڳڙهي خيرو، کاهي، سلطان ڪوٽ، ميرواهه گورچاڻي، ڪوٽڙي، ڪنڊيارو، ڪنڊيارِي، چمبڙ، ڄام صاحب، ڪنب، باڊهه، ٺڪراٺو، ڪوٽڙي، هوسڙي، وارهه، گڊو، ميرپور ماٿيلو، منهڙو، سڪرنڊ، هالا، ڀٽ شاهه، نيو سعيد آباد، ڪڙيو گهنور ۽ سجاول جوڻيجو ۾ به ماڻهو گهرن تائين محدود آهن.

نئون ديرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ٺري ميرواهه، گولاڙچي، ميهڙ، گمبٽ، روهڙي، ڦل، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي ۽ سامارو سميت سنڌ جَي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سترهين ڏينهن به لاڪ ڊائون آهي.

ڪراچي سميت سنڌ جَي مڙني شهرن ۾ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن پاران گشت جاري آهي، جڏهن ته شهرين کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ ۾ گذريل سترنهن ڏينهن کان لاڪ ڊائون هجڻ سبب بيروزگار ٿيل ڪيترائي ڏهاڙيدار پورهيت هن مهل تائين امدادي راشن نه ملڻ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

پورهيتن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کين جلد کان جلد راشن ڏئي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*