مخالف ڌر کنڊ بحران بابت رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي واکاڻ ڪري: فردوس عاشق اعواڻ

سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي بحران بابت رپورٽ کي مخالف ڌر سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي واکاڻ ڪري.

ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون فردوس  چيو ته عمران خان  تاريخ ۾ خود احتسابي عمل جو روشن مثال قائم ڪيو آهي.

خاص معاون چيو ته حڪومت تي وار ڪرڻ بدران اپوزيشن  کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قوم اهو نه وساريو آهي جڏهن پٽ، پيءُ کي،چاچو ڀائيٽي کي ۽ صدر، اومني گروپ جي سربراهه انور مجيدکي سبسڊي ڏيندو هو.

هن چيو ماضي ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن به حڪمرانن وٽ يرغمال هئي،اتي اهڙو شخص مقرر ٿيندو هو، جيڪو مافيا  جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو.

هن چيو ته ڪجهه خاندان 50 سيڪڙو  شگرملز  کي ڪنٽرول ڪندا هئا،ماضي ۾ عوام بدران مخصوص طبقو فائدو حاصل ڪندو رهيو، هاڻ نئين پاڪستان ۾ اهڙي ڪابه اجازت نه ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*