عمران صاحب پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اهو قانون کان مٿڀرو آهي: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب  چيو آهي ته عمران صاحب خود احتسابي جي ڳالهه تڏهن ڪري جڏهن پاڻ ۽ بوزدار صاحب کي قانون حوالي ڪري،روشن مثال قائم ڪرڻو آهي ته عمران صاحب استعيفا ڏئي،احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اٽي ۽ کنڊ چوري جي سمورن فيصلن تي عمران ۽ بوزدار صاحب جون صحيحون آهن.

ن ليگ جي ترجمان چيو ته عمران خان ۽ بوزدار صاحب به گرفتار ٿين، موت جي سزا جي چڪين ۾ رهي ڪري اٽو ۽ کنڊ بابت فيصلن جو جواب ڏين.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اهو قانون کان مٿڀرو آهي.

هن چيو ته خود احتسابي  ان کي چئبو آهي ته نوازشريف، شهباز شريف ۽ ن ليگ جي اڳواڻن  ڪوڙن الزامن جي باوجود  پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*