لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪ فوج ڀارت جو ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو

لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪ فوج ڀارت جو ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو

آءِ ايس پي آر  مطابق ايل او سي ويجهو سنگ سيڪٽر ۾ ڀارتي جاسوسي ڪواڊ ڪاپٽر پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي.

آءِ ايس پي آر  مطابق پاڪستاني فوج  فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر کي ڪيرائي ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب  ڀارتي ڪواڊ   ڪاپٽر پاڪستاني حدن ۾ 600 ميٽر ن تائين اندر اچي ويو،ڀارتي فوج جي هي حرڪت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فضائي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي.

آءِ ايس پي آر  مطابق ڀارتي فوج جو هي قدم سيزفائر بابت 2003 جي ٺاهه جي به ڀڃڪڙي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*