ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو تعداد 63 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ ٻه قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ بعد  فوتين جو تعداد 63 ٿي ويو، جڏهن ته مجموعي ڪيس چار هزار 339 ٿي ويا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق  اڄ مجموعي طور تي 132 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته خيبرپختون خوا ۾ وڌيڪ ٻه شهري فوت ٿي ويا آهن.

جاري ڪيل انگن اکرن مطابق  پنجاب ۾فوتين جو  تعداد 17، سنڌ ۾ 20، خيبرپختون خوا ۾ 20، بلوچستان ۾ 02،گلگت بلتستان ۾ 03 ۽ اسلام آباد ۾ 01 شهري فوت ٿي چڪا آهن.

پنجاب ۾ متاثرن جو انگ وڌي ٻه هزار 188،سنڌ ۾ هڪ هزار 36،ڪي پي ۾ 560،بلوچستان ۾ 212، گلگت بلتستان ۾ 213، اسلام آباد ۾ 102 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28  ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي مطابق 58 قيدي، 695 زائرين، 756 عام شهري ۽ راءِ ونڊ قرنظينه ۾ ڪرونا جا 657 مريض موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*