سموري ملڪ ۾ مستحقن کي احساس پروگرام تحت امداد ملڻ شروع

سنڌ حڪومت جون ڪرونا وائرس کان بچاءَ واريون ڪوششون ضايع ٿيڻ لڳيون آهن، مختلف شهرن ۾ احساس پروگرام شروع ٿيندي ئي مستحق عورتن توڙي مردن جا ڪٽڪ پهچي ويا.
سکر ضلعي جَي هڪ لک مستحقن ۾ احساس پروگرام تحت رقم ورهائڻ لاءِ 19 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز پاران مرڪزن تي ايندڙ ماڻهن ۾ وِٿي رکي پئي وڃي.
بدين جَي پير عاليشان اسٽيڊيم ۾ رقم ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، جنهن دوران دائرا ٺاهي مستحق عورتن کي پري پري ويهاريو ويو.
شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ عورتن جو وڏو انگ رقم وٺڻ لاءِ پهچي ويو، پوليس پاران حفاظتي انتظام سخت ڪندي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ دڪان بند ڪرايا ويا.
دادو جَي گورنمينٽ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ انتظام ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي 500 کان وڌيڪ مستحق عورتون امدادي رقم وٺڻ لاءِ پهچي ويون، جيڪي هڪ ئي هنڌ گڏ بيٺل رهيون.
ميان صاحب، ڪوٽڙي، باڊهه، پير جو ڳوٺ ۽ هالا ۾ به رقم وٺڻ لاءِ عورتن جو وڏو انگ جمع ٿي ويو پر انتظاميا پاران بهتر انتظام نه ڪيا ويا.
انتظاميا پاران بهتر انتظام نه ڪرڻ ۽ پهتل مستحق عورتن ۾ وٿي نه رکڻ سبب ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو.
سڄاڻ ڌرين اهڙي عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته امدادي رقم ورهائڻ دوران ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*