دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيلن جو انگ 88 هزار کان وڌي ويو

دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيلن جو انگ 88 هزار 802 ٿي ويو،متاثرن جو  انگ 15 لک 18 هزار 719 ٿي ويو،جڏهن ته 3 لک 30 هزار 519  شهري صحتياب ٿي ويا.

عالمي رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ وڌيڪ 1926 متاثر فوت ٿي ويا،جنهن بعد فوتين جو انگ 14 هزار 795 ٿي ويو.

اسپين ۾ 14 هزار 592، اٽلي ۾ 17هزار 669 شهري فوت ٿي ويا.

جاري ڪيل رپورٽ مطابق برطانيا ۾ وڌيڪ 928 مريض فوت ٿي ويا،جنهن بعد  انگ 7 هزار 97 ٿي ويو.

فرانس ۾ وڌيڪ 938 شهرين جون حياتيون ضايع ٿي ويون آهن،جنهن بعد انگ 10هزار 869 ٿي ويو.

جرمني ۾ وڌيڪ 192 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ  انگ 2هزار 349 ٿي ويو.

ڪينيڊا ۾ وڌيڪ 46 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 427 ٿي ويو.

چين ۾ 3 هزار 335، ايران ۾ 3هزار 993 ۽ بيلجيم ۾ 2هزار  240 شهري فوت ٿي ويا

 نيڌرلينڊ 2 هزار 248، برازيل ۾ 820، پرتگال ۾ 380،ڏکڻ ڪوريا ۾ 202 ، سوئٽزر لينڊ ۾ 687 ۽  فلپائن ۾ 182شهري جانيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*