وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو ،وزيراعظم بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ قائم آئسوليشن وارڊ ۽ قرنطينه سينٽر جو دورو ڪيو،جتي هن کي سهولتن ۽ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو ته وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال هن سان گڏ هئا.
ڪوئيٽا پهچڻ تي گورنر امان الله ياسين زئي ۽ وڏي وزير ڄام ڪمال ايئرپورٽ تي وزير اعظم جو استقبال ڪيو.
وزيراعظم ڪوئيٽا پهچڻ بعد سڌو بولان ميڊيڪل اسپتال ويو،جتي آئسوليشن وارڊ ۽ قرنطينه مرڪز جو دورو ڪيو.
وزيراعظم آئسوليشن وارڊ ۽ قرنطينه مرڪز ۾ مهيا ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي وڏو وزير ڄام ڪمال خان،قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽پي ٽي آءِ اڳواڻ يار محمد رند ۽ ٻيا به موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*