ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا حملا جاري، 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي خونريزي جاري، 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا،جنهن کانپوءِ وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 124 ٿي ويو آهي، جڏهن ته  وڌيڪ 520 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثر ماڻهن جو انگ ساڍا 6 هزار کان وڌي ويو آهي.

ملڪ ۾24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 124 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 520 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو مجموعي انگ 6 هزار 521 تي پهچي ويو آهي.

ڪرونا وائرس وگهي سڀ کان وڌيڪ خيبر پختونخوا ۾ 42 ۽ سنڌ ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ان کانسواءِ پنجاب ۾ 34، بلوچستان ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 3 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*