پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا قهر جاري

ملڪ ۾ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 16 شهري فوت ٿيڻ بعد  فوتين جو تعداد 135 ٿي ويو ۽ متاثرن جو تعداد 7 هزار 27 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 719 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

ملڪ ۾ ڪرونا سبب فوتين مان وڌيڪ سنڌ ۽ ڪي پي ۾ 45،45 شهري فوت ٿي ويا.

رپورٽس مطابق پنجاب ۾ 35، بلوچستان ۾ 5، گلگت بلتستان ۾ 3  ۽  اسلام آباد ۾ هڪ شهري فوت ٿي ويا آهن.

پنجاب ۾ متاثرن جو تعداد 3 هزار 276،سنڌ ۾ 2 هزار 8، ڪي پي ۾ 993،بلوچستان ۾ 305،گلگت بلتستان ۾ 245، اسلام آباد ۾ 145 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪرونا وائرس دنيا جي 210 ملڪن تائين ڦهلجي ويو،فوتين جو تعداد وڌي ڪري هڪ لک 45 هزار 551 ٿي ويو.

عالمي رپورٽ مطابق ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي ڪري 21 لک 82 هزار 823 ٿي ويو.

 پنج لک 47 هزار 679  ڪرونا متاثر صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس سبب دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان آمريڪا ۾ ٿيو آهي،جتي فوتين جو تعداد 34 هزار 641 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب اسپين ۾ فوتين جو انگ 19 هزار 315 ۽ اٽلي ۾ 22 هزار 170 ٿي ويو.

 فرانس ۾ فوتين جو تعداد 17 هزار 920،جرمني ۾ 4 هزار 52،برطانيا ۾ 13 هزار 729 ۽ چين ۾ 3 هزر 342 ٿي ويو آهي.

ايران ۾ 4 هزار 869،ترڪي ۾ هڪ هزار 643،بيلجيم ۾ 4 هزار 857 ۽ برازيل ۾ هڪ هزار 947 فوتي شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*