ڪرونا خلاف جنگ وڙهندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان دنيا ۾  ڪرونا وائرس  سبب فوت ٿيل متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک آهي.

سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم چيو ته ڪيترائي پاڪستاني ڪرونا خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي ڪم ڪندي فوت ٿيا.

عمران خان چيو ته ڪرونا خلاف جنگ وڙهندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.

هن چيو ته پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي،پرڏيهه ۾ پاڪستاني اسان جو اثاثو ۽ فخر آهن.

وزيراعظم لکيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پرڏيهي ناڻي سان  ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ وطن کان پري رهي ڪري ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن،سندن خدمتن کان منهن موڙي نٿو سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*