پورهيتن جي گهر جو چلهو ٻارڻ ئي اسان جو مشن آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته وياج جي اگهه ۾ گهٽتائي وزيراعظم جي ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي سرگرم ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي واپاري اعتماد ۾ اضافو ۽ معيشت جي مضبوطي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ۽ پورهيتن جي گهر جو چلهو  ٻارڻ ئي اسان جو مشن آهي.

واضح رهي ته ڪرونا وائرس سبب ملڪ اندر معاشي حالتون خراب ٿيون آهن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن پورهيتن جي حالت خراب ٿي وئي آهي،ان سان گڏ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون بند ٿيڻ سبب لکين پورهيتن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*