پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا حملا جاري

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 8 جانيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو تعداد وڌي 143 ٿي ويو. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي پڌرائي موجب ملڪ ۾ 41 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

تازن انگن اکرن مطابق ڪي پي ۾ فوتين جو انگ 50،سنڌ ۾ 47 ۽ پنجاب ۾ 37تائين پهچي ويو.

رپورٽس مطابق گلگت بلتستان ۾ 3 ، ۽  بلوچستان ۾ فوتين جو انگ 5 ٿي ويو.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق  پنجاب ۾ ڪرونا متاثر 3هزار 391 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 217 ٿي ويا.

ڪي پي ۾ 1077،اسلام آباد ۾ 163،بلوچستان ۾ 335، گلگت ۾ 250 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 48  شهري متاثرن ۾ شامل آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 465 ڪرونا وائرس جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن،جڏهن ته صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 1832 ٿي ويو.

سڄي دنيا ۾ قاتل ڪرونا وائرس هڪ لک 54 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ورتيون،جڏهن ته  22 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

آمريڪا ۾ ڪرونا وڌيڪ تباهي مچائي آهي جتي وڌيڪ 2 هزار 535 متاثر فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 37 هزار 154 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس کان متاثر ٿيل ٻيو ملڪ اٽلي آهي، جتي فوتين جو انگ 22 هزار 746 ٿي ويو آهي.

ڪرونا وائرس  اسپين ۾ 20 هزار 2 ۽  فرانس ۾ 18 هزار 681 ماڻهو فوت ٿي ويا.

 برطانيا ۾ 14 هزار 576، جرمني ۾ 4 هزار 193 ۽ ايران ۾ 4 هزار 958 ماڻهو ڪرونا وگهي موت جي منهن ۾ هليا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*