وزيراعظم هڪ ڪروڙ 20 لک غريب عوام کي 12 هزار رپيا في خاندان امداد ڪيا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان حقدارن ۽ پورهيتن لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پئڪيج ڏنو آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بنا جواز جي تنقيد ڪندڙن جي اڻ ڄاڻائي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته پنجاب حڪومت ڪرونا خلاف وڙهندڙ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملي  کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏيندي.

هن چيو ته پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جي جان وڃي ٿي ته ان جي وارثن کي امداد ڏني ويندي.

خاص معاون چيو ته وزير اعظم هڪ ڪروڙ  20 لک غريب عوام کي 12 هزار رپيا في خاندان امداد ڪيا آهن.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 144 ارب رپيا غريبن ۾ ورهايا پيا وڃن،9 اپريل کان هينئر تائين سموري ملڪ ۾ اٽڪل 41 لک 40 هزار  خاندانن ۾ 49 ارب 68 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي.

هن واضح ڪيو ته تنقيد ڪندڙ پهريان حقيقتون معلوم ڪن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ سان نوازين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*