اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات وسڻ کانپوءِ  ٿڌين هوائن کانپوءِ موسم من موهيندڙ ٿي وئي آهي.

ٻنهي جاڙن شهرن ۾ تيز هوائون ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ بارش جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

موسميات کاتي مطابق ڪي پي ۽ پنجاب جي مٿئين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به برسات جاري آهي،جڏهن ته پنجاب سميت مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ  سميت مختلف فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*