بلوچستان جي شهر صحبت پور ۾ ماڪڙ حملو ڪري ڪيترائي فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا

بلوچستان جي شهر صحبت پور ۽ ڀرپاسي  وارن علائقن  ۾ ماڪڙ حملو ڪري ڪيترائي فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن.  ضلعي انتظاميا مطابق ماڪڙ ڪڻڪ، چڻن، مٽرن،سرنهن، ڄانڀي، ڇانهين ۽ گدري جي فصلن کي سخت نقصان پهچايو آهي.

ماڪڙ جي حملي سبب آبادگار ۽ هارپو ڪندڙ پورهيت سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن.

اطلاعن مطابق صحبت پور لڳ ڳوٺ غلام محمد ڪنڊراڻي، آرڊي 238 سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ گذريل ٻن مهينن کان فصلن تي حملو ڪيو آهي، پر انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

آبادگارن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو  ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ ڦوهارو ڪرايو  وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*