ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 16 حياتيون ضايع ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 159 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 16 حياتيون ضايع ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 159 ٿي ويو

 ڪرونا جا وڌيڪ 252  ڪيس  سامهون  اچڻ بعد  متاثرن جو انگ وڌي 9 هزار 793 ٿي ويو.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق ملڪ اندر هيل تائين 18 سئو 68 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 48 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن،جڏهن ته 2 هزار 355  متاثر ٿيا آهن.

رپورٽ مطابق ڪي پي ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن ۽ انگ  60 ٿي ويو آهي ،جڏهن ته متاثرن جو انگ هڪ هزار 137 تائين پهچي ويو.

رپورٽ مطابق  ڪرونا وائرس سبب پنجاب ۾ 41 ڄڻا فوت ۽ مريضن جو انگ 3 هزار 649ٿي ويو.

 بلوچستان ۾ 5 فوت ۽ متاثرن جو انگ 376 ٿي ويو.

گلگت بلتستان ۾ ڪرونا سبب 3 فوت ۽  257 متاثر ٿيا آهن.

اسلام آباد ۾ 2 فوت ۽ متاثرن جو انگ 163 ٿي ويو،جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 48 ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*