ڪرونا وائرس جي وبا کان احتياط ئي سڀ کان اثرائتو علاج آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته صدر عارف علوي جو عالمن سان صلاح مشوري بعد  اتفاق راءِ سان پڌرنامو جاري ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق چيو ته رمضان المبارڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ صدر جو قائدانا ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

هن چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا  کان احتياط ئي سڀ کان اثرائتو علاج آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ۽ قومي ڪاوشن کي هٿي وٺرائڻ ۾ عالمن جو ڪردار گهڻو اهم ۽ بنيادي آهي.

هن چيو ته  مسجدن جي منبر ۽ محراب تان ايندڙ آواز جو خاص ڪري احترام ڪريون ٿا.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عالمن کي عوام کي احتياطي تدبيرن جي سلسلي ۾ به رهنمائي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪرونا کان بچاءَ  لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ حفاظتي ضابطن جي پابندي تي زور ڏيڻ گهرجي،عوام رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ گهرن ۾ رهي ڪري عبادت ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*