پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس رڪجي نه سگهيو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 39 شهري جان جي بازي هارائي ويا،جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي 706 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق  ڪرونا کان متاثر شهرين جو تعداد 32هزار 81 ٿي ويو آهي.

ڪي پي ۾ ڪرونا سبب فوتين جو تعداد  257،پنجاب ۾ 211 ۽ سنڌ ۾ 200 ٿي ويو.

بلوچستان ۾ 27،اسلام آباد ۾6،گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪرونا جو شڪار ٿي ويوآهي.

 رپورٽس مطابق سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد 12 هزار 17،پنجاب 11 هزار 569۽ بلوچستان ۾ 2 هزار 61 ٿي ويو.

ڪي پي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 875،اسلام آباد ۾ 716 ، گلگت ۾ 457  ۽ آزاد ڪشمير ۾ 86 ٿي ويو.

ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي صحتياب مريضن جو تعداد 8 هزار 555 ٿي ويو،جڏهن ته 281 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو تعداد 2 لک 87 هزار 332 ٿي ويو،متاثرن جو انگ 42 لک 55 هزار 954ٿي ويو،جڏهن ته 15 لک27 هزار 496 مريض صحتياب ٿي ويا.

عالمي رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد 81 هزار 795،اسپين ۾ 26 هزار 744 ٿي ويو ، برطانيا ۾ 32 هزار 65 ٿي ويو،روس ۾ 2 هزار 9،اٽلي ۾ 30 هزار 739فوت ٿي ويا.

فرانس ۾ فوتين جو انگ وڌي 26 هزار 643،جرمني ۾ 7 هزار 661  ۽ برازيل ۾ 11 هزار 653 ٿي ويو.

ترڪي ۾ 3 هزار 841،ايران ۾ 6 هزار 685،چين ۾ 4 هزار 633 ۽ ڀارت ۾ 2 هزار 294  شهري ڪرونا وگهي فوت ٿي ويا.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*