پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري

لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان گڏ ئي ملڪ ۾ڪرونا وائرس جي ڪيسن جي تعداد ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 31  شهري فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي  337 ٿي ويو.

ملڪ ۾ متاثرن جو تعداد 34 هزار 336 ٿي ويو،جڏهن ته سنڌ ۾ 12 هزار 610 ۽ پنجاب ۾ 13 هزار 225 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڪي پي ۾ 5 هزار 21 ۽ بلوچستان ۾ 2 هزار 158 ڪرونا  متاثرن جو ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گلگت-بلتستان ۾ 475 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 88 ڪيس سامهون آيا آهن.

اين سي او سي جي رپورٽ مطابق 8 هزار 812  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 2 لک 92 هزار 893 ٿي ويو،جڏهن ته  متاثرن جو انگ 43 لک 42 هزار 345 ٿي ويو آهي.

عالمي رپورٽس مطابق هيل تائين دنيا ۾ 16 لک 24 هزار41  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ وڌيڪ 1630 متاثر فوت ٿيڻ بعد  انگ 83 هزار 425 ٿي ويو.

برطانيا ۾ وڌيڪ 627 حياتيون ضايع ٿي ويون، جنهن بعد انگ 32 هزار 692 ٿي ويو.

اٽلي ۾ وڌيڪ 172 متاثر فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد فوتين جو  انگ 30 هزار 911 ،اسپين ۾ فوتين جو انگ  26 هزار 920 تي پهتل آهي.

فرانس ۾ وڌيڪ 349  ڪرونا مريض فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد  فوتين جو تعداد  26 هزار 991 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب هيل تائين جرمني ۾ 7 هزار 738 فوت چڪا آهن،برازيل ۾ وڌيڪ 779 حياتيون ضايع ٿي ويون، انگ  وڌي 12 هزار 404 ٿي ويو.

روس ۾ 2 هزار 216 ،  ترڪي ۾ 3 هزار 894۽ ايران ۾ 6هزار 733  شهري جان جي بازي هارائي ويا.

ڪرونا وائرس ڀارت ۾ 2 هزار 415، ڪيناڊا ۾ 176 ۽ بيلجيم ۾ 8 هزار 761 متاثر  فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*