پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا حملا جاري

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 33 حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين  جو انگ وڌي 770 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪرونا جا 14 سئو 25 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو تعداد  35 هزار 788 ٿي ويو.

سنڌ ۾ 13 هزار 341 شهري ڪرونا جو شڪار ٿيڻ بعد  234  شهري زندگي جي جنگ هارائي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي پڌرائي موجب پنجاب ۾ 13 هزار 561  شهري  ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن،جنهن بعد  223 ڄڻا خطرناڪ وائرس جو کاڄ ٿي ويا.

ڪي پي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 5 هزار 252 ۽ فوتين جو تعداد 337 ٿي ويو.

بلوچستان ۾ 2 هزار 239 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا،جڏهن ته  27  شهري فوت ٿي ويا.

اسلام آباد ۾ ڪرونا جا 822 ڪيس سامهون اچڻ بعد  فوتين جو انگ 6 ٿي ويو.

گلگت ۾ 482  شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته  4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، آزاد ڪشمير ۾  به هڪ شهري فوت ٿي ويو،جنهن بعد متاثرن جو انگ 91 ٿي ويو آهي.

دنيا ۾ ڪرونا  وائرس  وگهي فوت ٿيلن جو انگ 2 لک 98 هزار 165 ٿي ويو،جڏهن ته  44 لک 29 هزار 223  متاثر ٿي ويا، 16 لک 58 هزار 969  ڪرونا متاثر صحتياب ٿي ويا.

عالمي رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ وڌيڪ هڪ هزار 772  ڪرونا متاثر فوت ٿيڻ بعد  انگ وڌي 85هزار 197 ٿي ويو.

برطانيا ۾ وڌيڪ 494 مريض فوت ٿيڻ بعد انگ 33 هزار 186 ٿي ويو.

اٽلي ۾ وڌيڪ 195 متاثر فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 31 هزار 106 ،اسپين ۾ وڌيڪ 184 ماڻهو فوت ٿيڻ بعد انگ 27 هزار 104 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق ڪرونا وائرس فرانس ۾ وڌيڪ 83 حياتيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد  انگ 27 هزار 74 ، برازيل ۾ 13 هزار 158 ۽  روس ۾ 2 هزار 212  ٿي ويو.

  جرمني ۾ ڪرونا وائرس 7 هزار 861 ڳڙڪائي ويو،ايران ۾ فوتين جو تعداد 6هزار 783، ڀارت ۾ 2هزار 551 ۽ ڪيناڊا ۾ 5 هزار 301  ٿي ويو.

بيلجيم ۾ 8 هزار 843، سعودي ۾ 273 ۽ نيڌرلينڊ ۾ 5 هزار 562 شهري جانيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*