وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود  مهانگائي تي ضابطو نه اچڻ جو نوٽيس وٺندي  پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن مطابق  پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ جوڳي گهٽتائي جي باوجود عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو وزير اعظم عمران خان نوٽيس وٺي ورتو آهي.

ذريعن مطابق اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران  وزيراعظم کي  ملڪ اندر مهانگائي بابت بريفنگ ڏني ويندي،.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ چئني صوبن جا   وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا ۽ صوبن ۾ مهانگائي بابت بريفنگ ڏيندا.

واضح رهي ته رمضان المبارڪ دوران عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ جوڳو اضافو ٿي ويو آهي، ڪرونا سٽيل شهري مالي طور تي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*