آمريڪا جي دوا خاني ڪرونا وائرس جي دوا تيار ڪري ورتي آهي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي هينئر تائين نه ويڪسين آهي، نه ئي  وري مستند علاج آهي، آمريڪا جي دواخاني دوا تيار ڪندي ٻڌايو آهي ته هي ڪرونا جي اثرائتي دوا آهي.

 پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر مرزا چيو ته دوا جي استعمال سان مرض جي شدت ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته دنيا جي پنجن ڪمپنين کي لائيسنس ڏنو ويو آهي،جيڪي دوا تيار ڪري سگهنديون.

هن چيو ته  ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان ۾ هن دوا جي تياري شروع ٿي ويندي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پاڪستان مان هي دوا 127 ملڪن کي ايڪسپورٽ  به ڪري سگهبي،دوا جونالو ري ميڊيسوير  آهي جيڪا انجيڪشن جي صورت ۾ آهي.

ظفر مرزا  چيو آهي ته آمريڪي دوا خاني چيو آهي ته اها ڪرونا جي موثر دوا آهي.

خاص معاون چيو ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي منظوري کانپوءِ ڪمپني دوا تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي.

هن خدشو ظاهر ڪيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مريضن جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي،ڪرونا خلاف فرنٽ لائن ورڪرز جو تحفظ ضروري آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته طبي عملي جي تربيت لاءِ ويڊيو ٺاهي وئي آهي، تيار ڪيل ويڊيو طبي عملي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*