ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ بعد وڌيڪ 31 شهري ڪرونا وائرس وگهي فوت

ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ کانپوءِ  ڪورونا وگهي وڌيڪ 31 شهري فوت ٿي ويا،جنهن بعد انگ 834 ٿي ويو آهي.

جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ڪي پي ۾ فوتين جو تعداد 291، سنڌ ۾ 255،پنجاب ۾ 245 ۽ بلوچستان ۾ 30 ٿي ويو آهي.

گلگت ۾ 04، آزاد ڪشمير ۾ هڪ ۽اسلام آباد ۾ 07 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24ڪلاڪن دوران 1581 نوان ڪيسز سامهون اچڻ بعد انگ 38 هزار 799 ٿي ويو.

جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 14هزار 916 ۽ پنجاب ۾ 14 هزار 201 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 2 هزار 457 متاثر ٿي ويا.

 ڪي پي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 5 هزار 678 ،اسلام آباد ۾ 921 ، گلگت ۾ 518  ۽ آزاد ڪشمير ۾ 108 ٿي ويو

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ 3 لک 59 هزار 264  شهرين جون ڪرونا ٽيسٽون مڪمل ڪيون ويون آهن،جڏهن ته  10 هزار 880 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 3 لک 8 هزار 645 ٿي ويو،جنهن بعد متاثرن جو انگ 46لک 95 هزار 718 تائين پهچي ويو آهي.

آمريڪا ۾ وڌيڪ 913 شهرين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 88 هزار 507 ٿي ويو آهي.

برطانيا ۾ وڌيڪ 384 مريض جانيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ 33 هزار 998 ٿي ويو.

 اٽلي جيڪو دنيا ۾ ڪرونا وائرس کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي،اتي وڌيڪ 242 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ  انگ 31 هزار 610 ٿي ويو.

فرانس ۾ وڌيڪ 104  شهري حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد  انگ 27 هزار 529 ٿي ويو.

اسپين جو ڳاڻيٽو انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو،جتي ڪرونا وائرس کان وڌيڪ شهري متاثر ٿيا آهن،  وڌيڪ 138 متاثر فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ انگ 27 هزار 459 ٿي ويو.

برازيل ۾ پڻ ڪرونا وائرس ۾ گهڻيون جانيون ضايع ٿيون آهن،وڌيڪ 274 شهري فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 14 هزار 267 ٿي ويو.

جرمني جو ڳاڻيٽو به  انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو،جتي ڪرونا وائرس ڪيتريون ئي جانيون ڳڙڪائي ويو آهي وڌيڪ 5 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ  انگ 7 هزار 933 ٿي ويو.

يورپ جي اهم شهر ترڪي ۾ به  وڌيڪ 48 حياتين  وڃائڻ کانپوءِ فوتين جو تعداد چئن هزار کان وڌي ويو آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*