ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتگين جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ٿيڻ شرط ڪرونا وگهي فوتگين ۽ نون ڪيسز ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ جو سلسلو جاري آهي، قاتل وائرس وڌيڪ 30 حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ 9 سئو کان وڌي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 19 سئو 74 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد متاثرن جو انگ 42 هزار هڪ سئو 25 تي پهچي ويو آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 305 ماڻهو ڪورونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، جڏهن ته اتي مريضن جو انگ ٻين به 60 هزار 61 ٿي ويو آهي.

ڪرونا وائرس جا متاثر سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ آهن، جتي 15 هزار 3 سئو 46 مريض قاتل وائرس ۾ جڪڙيل آهن، جڏهن ته هيل تائين 277 ڄڻا وائرس جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

ٻي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جتي 15 هزار 346 مريض آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ 260 ٿي ويو آهي.

وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 9 سئو 77 ڪيس آهن ۽ اتي 7 ڄڻا وائرس سان وڙهندي فوت ٿي چڪا آهن، ان کان علاوه آزاد گلگت بلتستان ۾ 4 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن ۽ 5 سئو 40 ڄڻا وائرس ۾ ورتل آهن.

آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مريضن جو انگ هڪ سئو 12 آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ختم ڪئي وئي آهي.

ملڪ ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ 903 آهي، جڏهن ته 11 هزار 9 سئو 22 مريض ٺيڪ ٿي چڪا آهن. ….

دنيا ۾ قاتل ڪرونا وائرس 3 لک 16 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن، جڏهن ته وائرس ۾ ورتل مريضن جو انگ به 50 لک جي ويجهو پهچي ويو آهي.

آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ 90 هزار 978 ماڻهو  ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، جڏهن ته اتي متاثرن جو انگ 15 لک 27 هزار کان وڌي ويو  آهي.

جاني نقصان ۾ ٻي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ برطانيه آهي، جتي 34 هزار 636 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، اٽلي 31 هزار 908 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

 فرانس ۾ فوتين جو انگ 28 هزار 108، اسپين ۾ 27 هزار 650، جرمني ۾ 8 هزار 49 ۽ ايران ۾ 6 هزار 988  تي پهچي ويو آهي.

 ڀارت ڪرونا متاثر ملڪن ۾ يارهين نمبر تي اچي ويو، تي 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا سان وڙهندي زندگين جي جنگ هارائي ويٺا  آهن.

ڀارت ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ به هڪ لک جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته سعودي عرب ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 54 هزار 752 ٿي ويو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*