ڪراچي ۾ اڄ کان 22 مئي تائين هيٽ ويو جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي ۾ هيٽ ويوَ جي اڄ پهرين ڏينهن گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب بنگال ۾ ٺهندڙ طوفان ڪراچي تي اڄ وڌيڪ گرميءَ جي صورت ۾ اثرانداز ٿي سگهي ٿو، منجهند جو سامونڊي هوائون معطل ۽ بلوچستان مان گرم هوائون شهر ۾ داخل ٿينديون.

موسميات کاتي موجب بنگال ۾ ٺهندڙ طوفان ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ڪراچي تي اڄ وڌيڪ گرميءَ جي صورت ۾ اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب هيٽ ويوَ 22 مئي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بنگال ۾ موجود طوفان ڪراچي کان 26 سئو ڪلو ميٽر پري آهي، طوفان سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن کي ڪوبه خطرو نه آهي.

موسميات کاتي موجب بنگال ۾ ٺهندڙ طوفان ڪراچي تي اڄ وڌيڪ گرميءَ جي صورت ۾ اثرانداز ٿي سگهي ٿو، منجهند جو سامونڊي هوائون معطل ۽ بلوچستان مان گرم هوائون شهر ۾ داخل ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*