سنڌ ۾ قاتل ڪرونا وائرس جا حملا جاري، وڌيڪ 3 حياتيون ضايع

سنڌ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ ٽن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 280 ٿي ويو،24 ڪلاڪن دوران  ڪرونا جا وڌيڪ 864 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد  متاثرن جو انگ 17 هزار 241 ٿي ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه موجب ڪراچي ۾ 657، گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30، لاڙڪاڻي ۾ 21 ،  سکر ۾ 17، شڪار پور ۽ قمبر شهدادڪوت ۾ 7-7  ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال بابت انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته وائرس وگهي وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 280 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا وڌيڪ 864 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد  متاثرن جو انگ 17 هزار 241 ٿي ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه موجب ڪراچي ۾ 657، گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30، لاڙڪاڻي ۾ 21 ،  سکر ۾ 17، شڪار پور ۽ قمبر شهدادڪوت ۾ 7-7 ، ٺٽو ۽ ڪشمور ۾ 5-5، مٽياري ۽ نوشهرو فيروز ۾ 2-2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير عوام کي ڪرونا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي…..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*