ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ توڙي فوتگين ۾ تيزي اچي رهي آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 18 سئو کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 12 هزار 9 سئو 57 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، هيل تائين مجموعي طور تي 4 لک 2929 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

انگ اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 18 سئو 41 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ متاثرن جو انگ وڌي 43 هزار 9 سئو 66  ٿي ويو آهي.

سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ 17 هزار 241مريض آهن، جڏهن ته صوبي ۾ 280 ماڻهو ڪرونا سان وڙهندي فوت ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ ڪرونا سبب سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿي چڪو آهي، اتي 334 ماڻهو ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، جڏهن ته مريضن جو انگ 3 هزار 952 آهي.

پنجاب ۾ 15 هزار 9 سئو 76 مريض ڪرونا جو شڪار ٿي ويا آهن، اتي 2 سئو 43 ڄڻا هيل تائين وائرس جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

گلگت ۾ 38 ڄڻا ڪرونا وگهي فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اتي 2 هزار 258 مريض آهن، ان کان علاوه وفاقي راڄڌاني  اسلام آباد ۾ 9 حياتيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ 9 سئو 12 مريض موجود آهن.

آزاد ڪشمير ۾ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي چڪي آهي، اتي ڪرونا متاثرن جو انگ 115 آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*