ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري

ملڪ ۾ ڪرونا جا هاڃا جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 46 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 9 سئو 85 ٿي چڪو آهي، سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان خيبرپختونخواهه ۾ ٿيو آهي، جڏهن ته متاثر مريضن جي حوالي سان سنڌ جو پهريون نمبر آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1932 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد وائرس سٽيل مريضن جو انگ 45 هزار 8 سئو 98 تي پهچي ويو آهي.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ 17 هزار 9 سئو 44 آهن، جڏهن ته صوبي ۾2 سئو 99 ڄڻا وائرس سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن.

پنجاب ۾ 16 هزار 6 سئو 85 مريض موذي مرض ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته هيل تائين 2 سئو 89 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ان کان علاوه خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جتي 345 ماڻهو وائرس جو کاڄ ٻڻجي چڪا آهن ۽ 6 هزار 5 سئو 54 مريض وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

 اسلام آباد ۾ مريضن جو انگ 11 سئو 38 ۽ 9 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ به 38 ڄڻا وائرس جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، اتي مريضن جو انگ 28 سئو 85 آهي.

گلگت بلتستان ۾4 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 556 ڄڻا وائرس ۾ ورتل آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو فوت  ۽ متاثرن جو انگ 133 آهي.

دنيا ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 50 لک جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته 3 لک 24 هزار 9 سئو 58 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن.

چين کان شروع ٿيل قاتل ڪرونا جون تباهيون تيزي سان وڌي رهيون آهن، سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان آمريڪا ۾ ٿيو آهي، جتي 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

سڀ کان وڌيڪ مريض به آمريڪا ۾ آهن، جتي 15 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا آهن.

برطانيه ۾ 35 هزار 341، اسپين ۾ 27 هزار 877 ۽ اٽلي ۾ 32 هزار هڪ سئو 69 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا جڏهن ته، فرانس ۾ 28 هزار 22، سعودي عرب ۾ 329 ۽ ايران ۾ 7 هزار هڪ سئو 199 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

ڪرونا وائرس ڀارت ۾ به تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جتي 33 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ مريضن جو انگ هڪ لک کان وڌي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*