تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شاهين رضا ڪرونا وائرس وگهي فوت

حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر شاهين رضا ڪرونا وائرس سبب فوت ٿي وئي.

ڊي سي گوجرانوالا پي ٽي آءِ ايم پي اي جي ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيڻ جي تصديق  ڪئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر گوجرانوالا سهيل اشرف جو چوڻ آهي ته شاهين رضا جي 4 ڏينهن اڳ طبيعت خراب هئي، حالت خراب ٿيڻ تي کيس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

هن چيو ته شاهين رضا کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو، جنهن بعد لاهور منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.

پنجاب جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته شاهين جي مڙهه جي گوجرانوالا ۾ ايس او پيز تحت تدفين ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*