سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 17 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 17 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 316 ٿي ويو،وڏي وزير مراد علي شاهه موجب 24ڪلاڪن دوران هڪ هزار17 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ 18 هزار 964 ٿي ويو، نئين ڪيسز ۾ ڪراچي ۾ 813، حيدرآباد ۾ 27، لاڙڪاڻي ۾ 26، خيرپور 18، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ 15-15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي ڪرونا کان بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهيان. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وڌيڪ 17 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 316 ٿي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته، 24 ڪلاڪن17 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 18 هزار 964 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته  نيئين ڪيسز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ 813، حيدرآباد ۾ 27، لاڙڪاڻي ۾ 26، خيرپور 18، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ 15-15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي ڪرونا کان بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهيان، وبا خلاف جنگ  عوام جي سهڪار سان ئي کٽي سگهجي ٿي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*