ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 32 حياتيون ضايع

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 32 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ هڪ هزار 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 هزار 193 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 48 هزار 91 تائين پهچي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 2 هزار 193 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 32 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.

ملڪ ۾ 32 هزار 919 مريض هن وقت به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 14 هزار 155 صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ هن وقت تائين 316 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 18 هزار 964 آهي.

پنجاب ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 17 هزار 382 آهي، جڏهن ته 297 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ 351 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مريضن جو انگ 6 هزار 815 آهي.

بلوچستان ۾ ڪرونا وائرس 38 حياتيون ڳڙڪائي چڪو ۽ مريضن جو انگ 2 هزار 968 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 ڄڻا فوت ٿيڻ سميت مريضن جو انگ هڪ هزار 235 آهي.

گلگت بلتستان ۾ 4 حياتيون ضايع ٿيون ۽ 579 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 149 مريض سامهون اچي چڪا آهن ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا وار جاري آهن، متاثرن جو انگ 50 لک 89 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته 3 لک 29 هزار 729 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

دنيا ۾ 27 لک 35 هزار 998 مريض هن مهل به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان 45 هزار 799 جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 22 لک 24 هزار 208 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين ۽ متاثرن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، جتي 94 هزار 941 ماڻهو فوت ۽ 15 لک 93 هزار 39 متاثر ٿي چڪا آهن.

ڪورونا وائرس وگهي روس ۾ 2 هزار 972 ماڻهو فوت ۽ 3 لک 8 هزار 705 متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته برازيل ۾ 18 هزار 894 حياتيون ضايع ٿي چڪيون ۽ 2 لک 93 هزار 357 متاثر آهن.

اسپين ۾ ڪرونا وائرس جا 2 لک 79 هزار 524 ڪيسز سامهون آيا آهن، جڏهن ته هيل تائين 27 هزار 888 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

برطانيا ۾ ڪرونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 35 هزار 704 ٿي ويو آهي، اٽلي ۾ 32 هزار 330، فرانس ۾ 28 هزار 132، جرمني ۾ 8 هزار 270، ترڪي ۾ 4 هزار 222، ايران ۾ 7 هزار 183 ۽ ڀارت ۾ 3 هزار 435 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*