ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو قهر جاري، وڌيڪ 34 ڄڻا فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 34 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ هزار 101 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ هزار 743 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 52 هزار 437 تائين پهچي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 20 هزار 883، پنجاب ۾ 18 هزار 730، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 391 ۽ بلوچستان ۾ 3 هزار 198 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

ڪرونا وائرس جا هن مهل تائين اسلام آباد ۾ هڪ هزار 457، گلگت-بلتستان ۾ 607 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 171 ڪيسز سامهون اچي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ 381، سنڌ ۾ 340، پنجاب ۾ 324، بلوچستان ۾ 39، اسلام آباد ۾ 12 ۽ گلگت-بلتستان ۾ 4 ماڻهون حياتيون وڃائي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب هن وقت 34 هزار 683 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 16 هزار 653 صحتياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*