ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ 97 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن  جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، صحت کاتي موجب  فوت ٿيلن مان 20 ڄڻن جي لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جن مان ٽن ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪياويا آهن.

گذريل ڏينهن پي آءِ اَي جو مسافر جهاز پي ڪي 320 هوائي اڏي ڀرسان ماڊل ڪالوني جي آبادي جناح گارڊن تي ڪِري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 97 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

حادثي جو شڪار جهاز جي ملبي مان فوتين ۽ زخمين کي ڪڍڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب  تباهه ٿيل جهاز جي ملبي مان 97 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ 2 مسافر زخمي حالت ۾ ڪڍيا ويا ويا آهن، جن جي حالت خطري کان باهر آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جهاز حادثي سبب متاثر 25 گهرن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي، جن گهرن جا رهواسي مختلف علائقن ۾ ترسيل آهن.

پي آءِ اي جهاز ۾ عملي جي 8 ماڻهن سميت 99 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 51 مرد، 31 عورتون ۽ 9 ٻارڙا شامل آهن.

جهاز حادثي جي 66 فوتين جا لاش جناح اسپتال ۽ 31 جا سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، صحت کاتي موجب جناح اسپتال منتقل ڪيل لاشن ۾ 20 عورتن، 43 مردن ۽ 3 ٻارڙن جا شامل آهن، جن مان 20 جي سڃاڻپ ڪئي وئي.

صحت کاتي موجب سول اسپتال ۾ 31 ماڻهن جا لاش منتقل ڪيا ويا، جن ۾ 6 عورتن ۽ 25 مردن جا لاش شامل آهن.

پي آءِ اي اختيارين موجب ڪاڪ پِٽ ۽ ڪيبن ڪِريو جو واسطو لاهور سان هو، ڪيپٽن سجاد گل جهاز اڏائي رهيو هو، ٻئي عملي  ۾ 3 اسٽيورڊز ۽ 3 ايئر هوسٽس شامل هيون.

حادثي جو شڪار جهاز جي هڪ ايئر هوسٽس کي اڏام کان ڪجهه گهڙيون اڳ لاهي اسٽينڊ باءِ انعم مسعود کي جهاز ۾ سوار ڪيو ويو هو.

جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل 53 ماڻهن جا لاش سرد خاني منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽن جي سڃاڻپ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*