سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 14 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ  14 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 354 ٿي ويو آهي، وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 762 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ 21 هزار 745 ٿي ويوآهي، وڏي وزير مراد علي شاهه عوام کي بازارن ۾ رش نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ، احتياط سان ئي ڪرونا کان بچي سگهجي ٿو . وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته 24 ڪلاڪن دوران وائرس وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 354 ٿي ويو آهي. وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 762 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ 21 هزار 745 ٿي ويو آهي. وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 618، لاڙڪاڻي ۾ 20، حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ 15-15، بينظيرآباد8، گهوٽڪي ۾ 5 ، قمبر ۾ 3، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص ۾ 2-2، ڄامشورو، ٺٽو، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه عوام کي بازارن ۾ رش نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ، احتياط سان ئي ڪرونا کان بچي سگهجي ٿو .

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*