عمران خان، عارف علوي، آرمي چيف ۽ وڏي وزير جي سموري قوم کي عيد جون واڌايون

وزيراعظم عمران خان قوم کي عيدالفطر جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته جهاز حادثي ۽ ڪرونا وائرس سبب ڪيترائي ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا آهن، چاهيان ٿو ته قوم هن ڀيري روايت کان هٽي ڪري عيد جون خوشيون ملهائي.

ملڪ ۾ عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ووزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ کان پهريان اسان انهن خاندانن لاءِ دعا ڪريون، جن جا پيارا هوائي جهاز کي پيش آيل سانحي ۽ ڪرونا وگهي وڇڙي ويا آهن.

وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي وبا جي حوالي سان متعارف ڪيل ايس او پيز جو خيال رکڻ گهرجي، ڇوته ڪرونا جا مريض به اسان جي وچ ۾ هوندا آهن،  جنهن ڪري سماجي وٿيءَ تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته چاهيان ٿو ته قوم هن ڀيري روايت کان هٽي ڪري عيد جون خوشيون ملهائي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجود ۽ صدر عارف علوي پاران سموري قوم کي عيد جون واڌايون، وڏي وزير مراد علي شاهه قوم کي عيد جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عوام احتياط کان ڪم وٺن، ايس او پيز جو خاص خيال رکيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*