سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا 846 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 13 ڄڻا فوت: وڏو وزير

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن،جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 367 ٿي ويو آهي، وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران 846 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ  22 هزار 491 ٿي ويو آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته ايترا ڪيس ظاهر ٿيڻ اسان جي بي احتياطي جو نتيجو آهي، عيد ڏهاڙي رپورٽ جاري ڪرڻ نه پئي چاهيو پر عوام کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن احتياط ڪيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪرونا وائرس بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ وائرس وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 367 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران 846 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ  22 هزار 491 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾  703، لاڙڪاڻي ۾ 24، گهوٽڪي 12، ٽنڊو الهيار 10، حيدرآباد ۾ 9، سانگهڙ 8، قمبر 7 ، جيڪب آباد ۾ به 7، ٺٽي ۾ 4 ڪيس، جڏهن ته بدين ۽ ڄامشورو 2-2 ، ۽ ميرپور خاص ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جا ايترا ڪيس ظاهر ٿيڻ اسان جي بي احتياطي جو نتيجو آهي، جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

مراد علي شاهه چيو ته هو عيد ڏهاڙي ڪرونا جي رپورٽ جاري ڪرڻ نه پيو چاهي پر عوام کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن احتياط ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*