سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي: مرتضيٰ وهاب

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وڏن سان گڏ ٻارڙن ۾ به تيزي سان پکڙجڻ لڳو، هيل تائين 788 بارڙا ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهري ٻاهر وڃي ڪرونا پاڻ سان گڏ کڻي گهر اچي معصوم ٻارڙن کي به وبا ۾ مبتلا ڪن ٿا، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڪرونا وائرس ۾ ورتل ٻارڙن جا انگ اکر ٻڌائيندي مرتصيٰ وهاب عوام کي اپيل ڪئي ته خدارا احتياط ڪيو ڪٿي ائين نه ٿئي ته گهڻي دير ٿي وڃي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌ ۾ ڪرونا  وائرس ۾ مبتلا  ٻارڙن جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته گذريل مهيني ڪرونا ۾ مبتلا ٻارڙن جو انگ 53 هو جيڪو هاڻي وڌي 788 ٿي ويو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته شهري باهر وڃي ڪرونا وائرس کڻي گهر اچي معصوم بارڙن کي به ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومتي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته صورتحا وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي ته گهڻي دير ٿي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*