کنڊ اسڪينڊل کانپوءِ اٽي بحران جي ذميوارن جو گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي: شيخ رشيد

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته کنڊ اسڪينڊل کانپوءِ اٽي بحران جي ذميوارن جو گهيرو به تنگ ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم اٽي بحران جي رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي، کنڊ ۽ اٽي وارا ڪيسز نيب ۽ ايف آءِ اَي کي ڏنا پيا وڃن، لاڪ ڊائون ٻيهر نه ٿيندو، اميد ته ڪاروباري مرڪز کليل رهندا.

راولپنڊي ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان کنڊ اسڪينڊل جي جاچ کانپوءِ اٽَي بحران جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

هن چيو ته اٽي بحران جي ذميوارن جو گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي، کنڊ ۽ اٽَي بحران وارا ڪيسز نيب ۽ ايف آءِ اي کي اماڻيا پيا وڃن.

وفاقي وزير چيو ته منهنجو دوست خطري ۾ آهي، سافٽ ويئر تبديل ڪرڻ جو هاڻي وقت نه آهي، 31 جولاءِ کان پهريان ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته کيس نٿو لڳي ته لاڪ ڊائون ٻيهر ڪيو ويندو، اميد اها ئي آهي ته ڪارواري مرڪز کليل رهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*