ملڪ ۾ قاتل ڪرونا جو قهر جاري، وڌيڪ 24 ڄڻا اجل جو شڪار

ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 24 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جڏهن ته هڪ هزار 748 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته هيل تائين 17 هزار 482 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب وڌيڪ 24 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ هزار 167 ۽ هڪ هزار 748 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 56 هزار 349 تائين پهچي ويو آهي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 22 هزار 491، پنجاب ۾ 22 هزار 77، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 905، بلوچستان ۾ 3 هزار 407، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 641، گلگت-بلتستان ۾ 619 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 209 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

هيل تائين ڪرونا وائرس وگهي خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 398، سنڌ ۾ 367، پنجاب ۾ 337، بلوچستان ۾ 40، اسلام آباد ۾ 16 ۽ گلگت-بلتستان ۾ 7 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

اين سي او سي موجب هيل تائين 4 لک 83 هزار 656 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، 17 هزار 482 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 361 متاثرن جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*