سنڌ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 2 حياتيون کسي ورتيون

سنڌ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ ٻن ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، جنهن کانپو3 فوت ٿيلن جو انگ وڌي 369 ٿي ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه موجب 24 ڪلاڪن ۾ 443 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو انگ 22 هزار 934 ٿي ويو آهي ۽ هيل تائين 7 هزار 973 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪرونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي369 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته  24 ڪلاڪن ۾ 443 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو انگ 22 هزار 934 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته عيد جي موڪلن سبب اڄ رڳو 18 سئو 52 ٽيسٽون ٿي سگهيون آهن، جنهنن  سبب متاثرن جو انگ گهٽ آهي.

مراد علي شاه چيو ته ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 502 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 46 ڄڻا وينٽي ليٽر تي آهن.

وڏي وزير چيو ته اڄ وڌيڪ 614 مريض صحتياب به ٿيا آهن، ۽  هيل تائين 7 هزار 973 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*