سنڌ ۾ گهر جي لهر برقرار، مختلف شهرن ۾ پارو 50 ڊگري تائين وڃي پهتو

سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي، موهن جو دڙو ۽ دادو ۾ اڄ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سکر ۾ 48،  نوابشاهه 47 ۽ مٺي ۾ 44 ۽ حيدرآباد ۾ پارو 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهندي، موهن جو دڙو ۽ دادو ۾ اڄ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب سکر ۾ 48،  نوابشاهه 47 ۽ مٺي ۾ 44، حيدرآباد ۾ 42، ٺٽَي ۽ ڪراچي ۾ پارو 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن به سنڌ ۾ پارو سڀ کان وڌيڪ جيڪب آباد، دادو ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ پارو 50 ۽ پڊ عيدن ۾ 49 ڊگري سينٽي  گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*