نيو سعيد آباد ۾ هڪ وحشي دڪاندار پاران معصوم نياڻين سان زيادتي ڪري وڊيوز ڀرڻ جو انڪشاف

نيوسعيدآباد ۾ هڪ وحشي دڪاندار پاران معصوم نياڻين سان زيادتي ڪري وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين جوابدار اعجاز سومرو کي پڪڙي مارڪٽ بعد جلوس جي صورت ۾ ٿاڻي تي پهچائي پوليس حوالي ڪيو.

شهر ۾ دڪاندار اعجاز سومرو پاران معصوم نياڻين سان فحش حرڪتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين کيس پڪڙي ورتو.

شهرين دڪاندار اعجاز سومرو کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ جلوس جي صورت ۾ شهر جو گشت ڪرائڻ کانپوءِ ٿاڻي تي آندو، جتي کيس پوليس حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار ڪجهه سالن کان دڪان تي ايندڙ معصوم ٻارڙِين سان زيادتي ڪري سندن وڊيو رڪارڊ ڪندو هو، کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس موجب جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد مٿس ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*