وزيراعظم عمران خان ڀارت جي ناپاڪ ارادن بابت عالمي برادري کي آگاهه ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ڀارت جي ناپاڪ ارادن بابت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان ۾ فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، مودي سرڪار خطي ۽ پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، ڀارت شهريت ايڪٽ ذريعي بنگلاديش، چين ۽ نيپال سان به وڙهي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت، پاڪستان ۾ فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته آئون اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته نريندر مودي ڀارتي اقليتن لاءِ خطرو آهي، مودي سرڪار خطي ۽ پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، ڀارت شهريت ايڪٽ ذريعي بنگلاديش، چين ۽ نيپال سان به وڙهي رهيو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*