ڪرونا جي روڪٿام بابت وفاقي حڪومت وٽ ڪا به حڪمت عملي ناهي: آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ڪرونا جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي ناهي، ماڪڙ به سموري ملڪ ۾ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، عوام موجوده حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو،اسان ماڪڙ واري مسئلي تي دانهون ڪري رهيا آهيون پر وفاقي حڪومت پاران اهڙي اهم مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، عوام موجوده حڪمرانن مان تنگ ٿي چڪو آهي.

پ پ اڳواڻ نيئر بخاري سان ٽيلفونڪ رابطي دوران آصف زرداري چيو ته ماڪڙ به سموري ملڪ ۾ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، عوام موجوده حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو.

اڳوڻي صدر چيو ته اسان ماڪڙ واري مسئلي تي دانهون ڪري رهيا آهيون پر وفاقي حڪومت پاران اهڙي اهم مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. آصف علي زرداري چيو ته ڪرونا جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي ناهي، عوام موجوده حڪمرانن مان تنگ ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*