قاتل ڪرونا وائرس سنڌ ۾ وڌيڪ 6 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

قاتل ڪرونا وائرس سنڌ ۾ وڌيڪ 6 حياتيون ڳڙڪائي ويو،  جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 280 ٿي ويو آهي، وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران  699 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد صوبي ۾ متاثرن جو تعداد 24 هزار 206 ٿي ويو آهي،  وڏي وزير عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر احتياط جي اپيل ڪندي چيو آهي ته توهان جو سهڪار ڪرونا کان نجات جو ضامن آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته ڪرونا وڌيڪ 6 حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي،  جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 280 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران  699 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد صوبي ۾ متاثرن جو تعداد 24 هزار 206 ٿي ويو آهي،

وڏي وزير ٻڌايو ته نئين ڪيسز مان ڪراچي ۾ 559، گهوٽڪي ۾ 24، سکر ۾11، لاڙڪاڻي ۾ 10، ميرپور خاص ۾ 7، جيڪب آباد ۾6 ۽ حيدرآباد ۾ 5  نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

وڏي وزير عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر احتياط جي اپيل ڪندي چيو آهي ته توهان جو سهڪار ڪرونا کان نجات جو ضامن آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*