قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 35 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 35 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 12 سئو 60 ٿي ويو، ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 76 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 61 هزار 227 ٿي ويو، ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 89 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد ڪرونا کي شڪست ڏئي ٺيڪ ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 20 هزار 231 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مقامي سطح تي تيزيءَ سان پکيڙ جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ ڪرونا وگهي وڌيڪ 35 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 12 سئو 60 ٿي ويو.

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 76 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 61 هزار 227 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 89 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد ڪرونا کي شڪست ڏئي ٺيڪ ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 20 هزار 231 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ هيل تائين ڪرونا وائرس وگهي 380 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ وڌي 24 هزار 206 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 22 هزار 37 تي پهچي ويو آهي، هيل تائين 381 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

خيبر پختونخواه ۾ ڪرونا وائرس وگهي هيل تائين 425 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ وڌي 8 هزار 483 ٿي ويو آهي.

بلوچستان ۾ ڪرونا وائرس هيل تائين 41 ماڻهن کان حياتيون کسي چڪو آهي ۽ متاثر مريضن جو انگ وڌي 3 هزار 6 سئو 61 تي پهچي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ متاثر مريضن جو انگ 2 هزار 15 ٿي ويو آهي ۽ 19 حياتيون به ضايع ٿي چڪيون آهن، گلگت بلتستان ۾ متاثرن مريضن جو انگ651 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 9 ماڻهو حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن.

آزاد ڪشمير ۾ به ڪرونا جا ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، جتي متاثر مريضن جو انگ 219 تي پهچي ويو آهي ۽ 5 قيمتي انساني حياتيون به وائرس سبب ضايع ٿي چڪيون آهن.

دنيا ۾ قاتل ڪرونا وائرس 3 لک 57 هزار 432 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ 57 لک 90 هزار کان وڌي ويو آهي.

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيلن جو انگ هڪ لک 2 هزار 107 تائين پهچي ويو، جڏهن ته 17 لک 45 هزار 803 متاثر آهن.

برازيل ۾ 25 هزار 693 فوت، 4 لک 14 هزار 661 متاثر، جڏهن ته روس ۾ 3 هزار 968 فوت، 3 لک 70 هزار 680 کان وڌيڪ متاثر آهن.

اسپين ۾ هيل تائين 27 هزار 118، برطانيا ۾ 37 هزار 460، اٽلي ۾ 33 هزار 72، فرانس ۾ 28 هزار 596، جرمني ۾ 8 هزار 533، ترڪي ۾ 4 هزار 431، ايران ۾ 7 هزار 564 ۽ ڀارت ۾ 4 هزار 534 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*