ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 82 شهري زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 82 شهري جان جي بازي هارائڻ بعد انگ وڌي 1770 ٿي ويو .

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ملڪ ۾ ڪرونا وائرس  کان وڌيڪ 4 هزار 688 شهري متاثر ٿيا آهن،جنهن بعد  تعداد وڌي 85 هزار  264 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ فوتين جو انگ 555،پنجاب ۾ 607،ڪي پي ۾ 500 ۽ بلوچستان ۾ 51  ٿي ويو.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 38،گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا کان متاثر 7 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن جي پڌرائي موجب  سنڌ ۾ 32 هزار 910،پنجاب ۾ 31 هزار  104 ۽ ڪي پي ۾ 11 هزار 373 شهري ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق  اسلام آباد ۾ 3 هزار 544،گلگت بلتستان ۾ 824 ۽ آزاد آزاد ڪشمير ۾ 285 شهري متاثرن ۾شامل آهن.

هينئر تائين 30 هزار 128 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته 901 شهرين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪرونا وائرس دنيا ۾ 3 لک 88 هزار 41 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو،جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌي 65 لک 73 هزار 568 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق  ڪرونا وائرس کان متاثر 31 لک 70 هزار 532 شهري  صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک،9 هزار 142،برازيل ۾ 32 هزار 568،روس ۾ 5 هزار  215 ۽ اسپين ۾ 27 هزار 128 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب برطانيا ۾ 39 هزار  728،اٽلي ۾ 33 هزار 601 ۽ ڀارت ۾ 6 هزار 88 شهري فوت ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس سبب جرمني ۾ 8 هزار 699،ايران ۾ 8 هزار 12،فرانس ۾ 29 هزار 21 ۽ ميڪسيڪو ۾ 11 هزار  729شهري جان جي بازي هارائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*